مانسهره :عورت اسسٽنٽ ڪمشنر ماروي شير ملڪ هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي

0
130

پوليس موجب جوابدار ليڊي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي کي ڪيترائي ڀيرا اوور ٽيڪ ڪري وڊيو رڪارڊ ڪرڻ سان گڏ تصويرون ڪڍيون ۽ غازي ڪوٽ ۾ روڪي حملو ڪيو.پوليس موجب جوابدرن چيو ته هي عورت ٿي ڪري اسان جي مٿان اي سي مقرر ٿي آهي، اسان ڪنهن به عورت کي اي سي يا ڊي سي طور قبول نه ڪنداسين.ڏند چڪ بعد هڪ جوابدار اسسٽنٽ ڪمشنر ماروي شير ملڪ کي گولي هڻڻ جي ڌمڪي به ڏني، مزاحمت دوران اسسٽنٽ ڪمشنر جو هٿ پڻ زخمي ٿي پيو.جوابدارن اسسٽنٽ ڪمشنر جي گارڊ تي تشدد ڪري سندس ٻانهن به ڀڃي ڇڏي، جڏهن ته موقعي تي موجود ماڻهن جوابدارن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.اسسٽنٽ ڪمشنر ماروي شير ملڪ جي درخواست تي جوابدارن خلاف سٽي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here