پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اڳوڻي فوجي اسٽيبلشمينٽ پاران دير ڪرائڻ جو انڪشاف

0
102

اسلام آباد: عمران خان جي سياسي حمايت دوران اڳوڻي فوجي اسٽيبلشمينٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ دير ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو هو.

جڏهن ته ان پس منظر ۾ جيڪو ڪجهه هلي رهيو هو، انهن واقعن ۽ حالتن کان واقف هڪ باخبر ذريعي جو ان ڳالهه تي اصرار آهي ته تي پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن تي ڪوبه دٻاءُ نه هو، جيڪو عمران خان الزام هڻندو آهي.

عمران خان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي سندس ۽ پارٽي خلاف ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ”ڪجهه“ چيو ويو هو، پر ان جي ابتڙ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ دير ٿيڻ واري معاملي ۾ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ڪردار ادا ڪيو هو، جيئن ئي فوجي اسٽيبلشمينٽ غير سياسي رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي مرضي جي مالڪ بڻجي وئي ۽ ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو.

پي ٽي آءِ خلاف فنڊنگ ڪيس نومبر 2014ع کان التوا ۾ آهي، جڏهن پارٽي جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر پارٽي جي فنڊنگ ۾ پاڪستان ۽ پرڏيهه مان سنگين مالي بي ضابطگين جو الزام هنيو هو، جنهن ۾ غير معمولي دير ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اها دير اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ جي اثر سبب ٿي ۽ ان وقت عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ سالن جا لاڳاپا پنهنجي عروج تي هئا. روزاني ڊان ۾ تازو شايع ٿيل پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٽائم لائن موجب بابر 14 نومبر 2014 تي اليڪشن ڪميشن ۾ بي ضابطگين جي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here