عمران خان جو جمعي کان لاهور ۾ لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان

0
114

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جمعي کان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايوان وزير اعليٰ پنجاب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته لبرٽي چوڪ کان سندن لانگ مارچ صبح جو يارهين وڳي شروع ٿيندو، لانگ مارچ قافلو جي ٽي روڊ تان ماڻهن کي گڏ کڻي اسلام آباد پهچندو، عمران خان موجب، مئي ۾ سندن پرامن احتجاج تي تشدد ڪيو ويو، ملڪ جا سڀ ڏوهاري ڪيس معاف ڪرائڻ شروع ٿي ويا آهن، نيب ۾ ترميم ڪري پنهنجا ڪيس ختم ڪرايائون، هي مارچ نه پر جهاد آهي، مارچ فيصلو ڪندو ته پاڪستان کي ڪهڙي پاسي وڃڻو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here