ملڪ ۾ جولاءِ تائين ٻيهر ٻوڏ جو خدشو: جنيوا ۾ موسمياتي ڪانفرنس سومر تي ٿيندي

0
76

اسلام آباد: موسمياتي تبديلين جِي تباهيءَ تي جنيوا ڪانفرنس سومر ڏينهن ٿيندي، گڏيل قومن جَي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جِي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ اڄ روانا ٿيندا،

سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ تاريخي برسات ۽ ٻوڏ جِي تباهيءَ جو ڪيس پيش ڪيو ويندو، ٻوڏ سبب هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثر ٿيا، فوري بحالي لاءِ ٽن سالن ۾ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالر ۽ ٻئي مرحلي لاءِ 13 ڏهائي 5 ارب ڊالر گهربل، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جولاءِ تائين ملڪ اندر ٻيهر ٻوڏ جو خدشو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here