عمران خان ٻيهر ڌانڌلي جي ڪوشش ۾ مصروف آهي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

0
138

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته بي اعتمادي رٿ معاشي بحران خلاف هئي، غير جمهوري وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ سڀني سان هٿ ملائيندا، جيڪڏهن سندن انگ پورا نه هجن ها ته عمران خان ايترو پريشان هجي ها؟، هو چيلنج ڪري ٿو ته اڄ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو، وزيراعظم ٻڌائي ته جانور ڪنهن کي سڏي پيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم مونجهاري جو شڪار آهي، گاريون ڏيڻ تي لهي پيو آهي، عمران خان فڪس ميچ تي يقين رکي ٿو.هن چيو ته ٻيهر ڌانڌلي جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، مخالف ڌر ائين ٿيڻ نه ڏيندي، بي اعتمادي جو مقصد شفاف چونڊ طرف وڌڻ آهي، عوام کي حڪمرانن کان نجات ڏياري ويندي.پ پ چيئرمين چيو ته سموريون جمهوري قوتون پنهنجو آئيني حق غير جمهوري شخص جي خلاف استعمال ڪري رهيون آهن، بي اعتماد واري معاملي تي نه رڳو اپوزيشن پر عوام به اسان سان گڏ آهي، وزيراعظم لانگ مارچ ڪري ثابت ڪيو آهي ته هن عوام جو اعتماد وڃائي ڇڏيو آهي، کيس ڌوڪو ڪرڻ نه ڏيندا.هن چيو ته هر ميمبر کي پارليامينٽ ۾ وڃي ووٽ جو استعمال ڪرڻ جو حق آهي، پوليس پارليامينٽ لاجز ۾ زبردستي داخل ٿي ميمبرن کي گرفتار ڪيو، هو پرامن ۽ جمهوري ماڻهو آهن، ڇا ڏهن ڏينهن جي احتجاج دوران هڪ پٿر به اڇلايو ويو؟.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم جا نمائندا اعلان ڪن پيا ته ووٽن جي ڳڻپ نه ڪندا، چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي اپيل آهي ته نمائندن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي.سندس وڌيڪ چيو ته بي اعتمادي هن پرڏيهي پاليسي خلاف آهي جنهن پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان معاشري ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪيو آهي.پ پ چيئرمين چيو ته عمران خلاف پرڏيهي فنڊنگ جو ڪيس اڃا اليڪشن ڪميشن ۾ رولڙي جو شڪار آهي، هو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪن ٿا ته ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهرين جمهوري بي اعتمادي جي رٿ آهي، جنهن پويان عوام جي طاقت آهي، اها ڪامياب ٿيندي، ان ڪري وزيراعظم وائڙائپ جو شڪار آهي، عمران خان ٻڌائي ته جانور ڪنهن کي چيو، وقت ڏاڍو ڏکيو آهي، گاريون ڏيڻ بدران مشورو ڏيڻ گهرجي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here