اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي مقرري خلاف درخواست رد

0
69

اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي مقرري خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبر کي هٽائڻ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي، جنهن تي وڪيل کيس ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبر کي عهدي تان هٽائڻ جو فورم سپريم جوڊيشل ڪائونسل آهي، جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته آئين اليڪشن ڪميشن جي ميمبر کي عهدي تان هٽائڻ جو فورم مهيا ڪري ٿو، عدالت آئيني اختيار اتي استعمال ڪندي آهي، جتي لاڳاپيل فورم موجود نه هجي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here