سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد موڪلڻ خلاف حليم عادل شيخ جي درخواست رد

0
94

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد موڪلڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

سنڌ پوليس جي نفري اسلام آباد اماڻڻ خلاف اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت ڪئي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس درخواست گذار حليم عادل شيخ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو آئين جي ڪهڙي شق جي ڀڃڪڙي ٿي آهي؟

حليم عادل شيخ جي وڪيل ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 16 جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته احتجاج اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، اتي ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟

عدالت حليم عادل شيخ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here