گڏيل قومن پاران ٻوڏن کانپوءِ وڏي پيماني تي بيمارين جو خدشو ظاهر

0
81

گڏيل قومن پاران ٻوڏن کانپوءِ وڏي پيماني تي بيمارين جو خدشو ظاهر، گڏيل قومن طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بيمارين کي هڪ ٻي آفت قرار ڏئي ڇڏيو، ٻوڏ ۾ ڦاٿل لکين ٻارن جي حياتين کي بچائڻ لاءِ هنگامي امداد جي نئين اپيل، صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين ۽ فوتگين جو خطرو آهي، سڄي دنيا ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ دل کولي عطيو ڏئي، يونيسيف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 34 ملين ٻوڏ متاثر ٻار فوري امداد جا منتظر آهن، ٻوڏ ۾ ڦاٿل ٻار بک ۽ بيمارين ۾ گھيريل آهن، مليريا ۽ ڊينگي سان گڏ پيٽ جون بيماريون انهن ٻارن تي حملو ڪري رهيون آهن، ٻوڏ سبب متاثر ٻارڙن جون مائرون غذائي کوٽ جو شڪار آهن، مائرون پنهنجي ٻارن کي کير پيارڻ جي قابل نه رهيون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here