معيشت جي بحالي ۽ دهشتگردي  کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

0
82

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان انتهائي نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي، معيشت ۽ دهشتگردي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪراچي ۾ مختلف ڪورسن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته تقريب سان خطاب ڪندي آرمي چيف ڪيڊٽس کي پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جا محافظ بڻجڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب سامونڊي شعبو مسلسل تبديل ٿي رهيو آهي

هن چيو ته ميري ٽائم ڊومين مسلسل تبديل ٿي رهي آهي، اهي سامونڊي فوجون حاوي ٿينديون، جيڪي جنگ جي جديد رجحانن کان هم آهنگ هونديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here