عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پيڪيج نه مليو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو.اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ملڪ تاريخ جي بدترين معاشي ۽ سياسي بحران مان گذري رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته ناڻي جا مٽا سٽا وارا ذخيرا ختم ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن آءِ ايم ايف طرفان بيل آئوٽ پيڪيج نه مليو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو.هن چيو ته غريب کاڌ خوراڪ جي بنيادي ضرورت سميت ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ کان به لاچار بڻجي ويو آهي.شيخ رشيد چيو ته سياسي ڏڦيڙ ملڪ کي تباهي طرف ڌِڪي پيو، سڀني کي گڏجي ملڪ بچائڻو پوندو