اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير ٿيندو،راڻا ثناءُ الله جي 5 ميمبر غائب ڪرڻ واري ڌمڪي غنڊاگردي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ميمبر غائب ڪرڻ ۽ خريد توڙي وڪرو جمهوريت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.هن چيو ته ڊالر 215 رپيا ٿي ويو، ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي.سندس چوڻ هو ته سياسي استحڪام نه آيو ته ٻهارو ڦري ويندو