فيڪٽري اندر ٺپا هنيا پيا وڃن، نوٽيس ورتو وڃي: شاهه محمود قريشي جو الزام

0
76

فيڪٽري اندر ٺپا هنيا پيا وڃن، نوٽيس ورتو وڃي،“ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو الزام، شاهه محمود قريشي پاران فيڪٽري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش، رٽرننگ آفيسر ۽ رينجرز اهلڪار به فيڪٽري پهچي ويا، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته فيڪٽري مالڪ چوڌري ذوالفقار سندن پهچڻ تي فرار ٿي ويو، فيڪٽري مالڪ شاهه محمود قريشي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن به شاهه محمود قريشي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته فيڪٽري اندر ڌانڌلي جا ڪي به ثبوت ناهن مليا، شاهه محمود قريشي جا الزام ڪوڙا آهن، پيپلز پارٽي اڳواڻ علي موسيٰ گيلاني چيو آهي ته هُو شاهه محمود قريشي جي حرڪت جي مذمت ڪن ٿا، شاهه محمود قريشي غيرمناسب حرڪت ڪئي، سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، فيڪٽري پولنگ اسٽيشن کان هڪ ڪلوميٽر پري آهي، شاهه محمود قريشي سندن سپورٽر جي فيڪٽري تي اچي کيس هيسايو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here