فرح گوگي ۽ بشريٰ بيبي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي:مريم اورنگزيب

0
192

فرح گوگي ۽ بشريٰ بيبي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي، بزنس ٽرانزڪشن بشريٰ بيبي ۽ فرح گوگي وچ ۾ ٿيندي رهي، عمران خان سياسي ڊرامو ڪري رهيو آهي، سندس ذهني حالت ڳڻتي جوڳي آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ مخالفن تي سياسي ڪيس ٺاهيا،نيب ۽ ايف آءِ اي کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو ويو،“ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته هو ڪيئن 4 سالن تائين سياسي انتقام وٺندو رهيو، عمران خان ٻڌائي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو منصوبو ڪيئن جوڙيو ويو؟ اٽو ، تيل،کنڊ ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان ٻڌائي ته ايل اين جي سستي ڪرڻ جا معاهدا ڇو نه ڪيا؟ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي تباهي جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان هر اداري ۾ ڪرپشن ڪئي، هاڻي عمران کي ٻڌائڻو نه پر جواب ڏيڻو آهي، عمران خان ٻڌائي ته سندس اثاثن ۾ واڌ ڪيئن ٿي، عمران خان پاڻ فون ٽيپ ڪرڻ جو چوندو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here