دعا زهرا کي پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت

0
124

دعا زهرا کي پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي جاچ آفيسر کي ضمني چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي دعا زهرا جي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته حلفي بيان جي روشني ۾ عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته دعا زهرا پنهنجي مرضي سان جنهن سان وڃڻ يا رهڻ چاهي، رهي سگهي ٿي، سندس اغوا جو ڪيس نه ٿو ٺهي، دعا کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ سنڌ حڪومت جي صوابديد تي آهي، عدالت جي اجازت بعد چيمبر ۾ دعا جي والدين سان ملاقات ڪرائي وئي، ملاقات بعد پوليس دعا زهريٰ کي وٺي رواني ٿي وئي، دعا زهريٰ جي والده روئيندي بيهوش ٿي وئي، دعا جي امڙ موجب، دعا چيو آهي ته هُوءَ گهر هلڻ چاهي ٿي، پوليس دعا زهرا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران شيلٽر هوم منتقل ڪري ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here