سنڌ هاءِ ڪورٽ: دعا زهريٰ کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
187

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي واسڻ پسند جو پرڻو ڪندڙ نينگري دعا زهريٰ کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ ڪامران فضل کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دعا زهرا ۽ نمرا ڪاظمي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، آءِ جي سنڌ ڪامران فضل، ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا.پوليس ڪراچي مان لاپتا ٿي پرڻو ڪندڙ ناري نمرا ڪاظمي کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، نمرا ڪاظمي جا گهر ڀاتي به عدالت ۾ موجود رهيا. پوليس نمرا ڪاظمي کي مڙس سميت عدالت ۾ پيش ڪيو، نمرا جي عمر جي ٽيسٽ جو حڪم جاري ڪندي عدالت نمرا کي شيلٽر هوم موڪلي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.عدالت پاران دعا زهرا کي پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ ڪامران فضل کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي کائنس چارج واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته هو آءِ جي سنڌ جي رپورٽ مان مطمئن ناهين، ڪامران فضل کان چارج واپس وٺي ڪنهن اهل آفيسر حوالي ڪئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here