وفاقي وزير خورشيد شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو

0
114

وفاقي وزير خورشيد شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو.خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ۾ بحث هيٺ معاملا سرڪيوليشن سمري ذريعي منظور ڪيا پيا وڃن، اهو عمل سٺو تاثر نه پيو ڏئي.ذريعن موجب خورشيد شاهه جي وزيراعظم کي لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت به ڪابينا اجلاس ۾ معاملن تي بحث ڪرڻ کان به پاسو ڪندي.هن خط ۾ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت به وزارتن جون سمريون سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪرائيندي هئي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مستقبل ۾ کاتن جي سمري ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here