سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

0
149

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي سندس عهدي تان هٽايو ويو، آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، سنڌ سرڪار پاران ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر ڪامران فضل کي آءِ جي سنڌ جي اضافي چارج ڏني وئي، ذريعن موجب ڊاڪٽر ڪامران فضل کي 17 جولاءِ تي سندس رٽائرمينٽ تائين عهدي تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو، امڪاني طور تي محسن بٽ سنڌ جو نئون آءِ جي مقرر ٿيندو، ذريعن موجب سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار کان خوش نه هُئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here