پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ملڪ جي معاشي صورتحال آهي : شاهد خاقان عباسي

0
88

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت قرض مٿان قرض کڻي عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهي ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان پاران کنيل قرضن سبب ملڪ ۾ مهانگائي 4 سالن کان مڙهيل آهي، هن چيو ته پاڪستان کي پهرين ترجيح ڏيڻي پوندي، معيشت ڪمزور ٿيندي ته ڊالر جي قيمت ۾ به اضافو ٿيندو.شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ملڪ جي معاشي صورتحال آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته ڊاڪٽر اجازت ڏيندا ته نوازشريف ملڪ ۾ واپس اچي ويندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان عمران خان جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جو بار عوام تي گهٽ کان گهٽ پئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here