فلم ”پٺاڻ“ جي ڪراچي ۾ غير قانوني نمائش ملتوي

0
165

ڪراچي: سنڌ بورڊ آف فلم سينسر جي ڪارروائي تي ڀارتي فلم ”پٺاڻ“ جي ڪراچي ۾ غير قانوني نمائش ملتوي ڪئي وئي.

سنڌ بورڊ آف فلم سينسر ڀارتي فلم ”پٺاڻ“ جي ڪراچي ۾ غيرقانوني نمائش جي خبر جو نوٽيس ورتو آهي.

سينسر بورڊ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته فائر ورڪ ايونٽس نالي هڪ ڪمپني 4 فيبروري 2023ع تي ڊي ايڇ اي ۾ ڀارتي فلم پٺاڻ جي پبلڪ اسڪريننگ جو انتظام ڪري رهي هئي، جنهن جي رليز ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي ۽ فلم جون ٽڪيٽون به بک ڪيون ويون هيون.

سنڌ بورڊ آف فلم سينسر جي جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به خانگي پارٽي يا فرد کي اهو حق ناهي ته هو سرڪاري يا خانگي سطح تي ڪنهن به فلم جي پبلڪ اسڪريننگ منعقد ڪري جيستائين ڪنهن فلم جي پبلڪ اسڪريننگ لاءِ باضابطه اجازت نامو جاري نه ڪيو وڃي.

بورڊ جي چيئرمين خالد بن شاهين چيو ته سنڌ موشن پکچرز ايڪٽ 2011 جو سيڪشن 4 (10) ڪنهن فلم جي سرڪاري يا خانگي نمائش کي ريگيولر ڪري ٿو ۽ ڪو به ماڻهو بورڊ جي منظوري کان سواءِ فلم جي نمائش نٿو ڪري سگهي، ان ڪري مناسب آهي ته ان جي نمائش ڪئي وڃي

رپورٽ موجب، ڄاڻايل ڪمپني کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڄاڻايل ايڪٽ جي شقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اهڙي ڀڃڪڙي تي سيڪشن 18 (1) تحت سزا ڏني ويندي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به فلم جي غير قانوني نمائش جي صورت ۾  نمائش ڪندڙ کي ٽن سالن تائين جيل يا 100,000 روپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏئي سگهجن  ٿيون. سنڌ بورڊ آف فلم سينسر جي وارننگ کان پوءِ فائر ورڪ ايونٽس نالي هڪ تنظيم ”پٺاڻ“ جي نمائش ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here