جيڪو شخص ويو ان کي واپس نٿا آڻي سگهون پر قاتلن کي نه ڇڏينداسين: سعيد غني

0
125

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ صحافين پاران اطهر متين جي قتل خلاف احتجاج ڪرڻ تي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سي ايم صاحب ۽ مان چيو ته جيڪو شخص ويو آھي ان جي واپسي لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگھون پر قاتلن کي گرفتار  ڪري  مقتول جي پونيئرن جي مدد ڪئي ويندي ۽ مستقبل ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪنداسين

احتجاج ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته الله چاھيو ته جيڪي اصل قاتل آھن اھي پڪڙيا وڃن ۽ سزا ملي، اوھان جو احتجاج جائز آھي ۽ اھو جاري رھڻ گھرجي جيستائين مطالبا پورا نه ٿين

هن چيو ته حڪومت ۾ ھجڻ ڪري اھڙن واقعن تي شرمندگي به ٿئي ٿي ته واقعا نه ٿين ۽ قاتلن جي گرفتاري به اسان جي ذميواري آھي اسان قاتلن کي نه ڇڏينداسين، چيف منسٽر  ميٽنگس ڪيون آھن ان حوالي سان رزلٽ ملندي

هن چيو ته اطھر جون ڌيئرون اسان جون نياڻيون آھن، فيملي جي مرضي مطابق انھن جي لاءِ ڪجهه ڪريون، صحافي پنهنجي ڪميٽي ٺاھين جيڪا رابطي ۾ رھي، احتجاج ڀلي ڪريو پر مستقل ويھڻ بدران اسان جي عمل مان مطمئن نه ٿيو ته وري احتجاج ڪري وٺجو، بطور وزير شرمندگي جو اظھار ڪريان ٿو ۽ اسان جي حڪومت تي پڻ سواليا نشان اٿن ٿا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here