اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف 5 ڪيس ڊي لسٽ ڪري ڇڏيا آهن

0
165

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف 5 ڪيس ڊي لسٽ ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان خلاف 5 ڪيس 13 ڊسمبر تائين ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو ڪيس، عمران خان کي پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ بابت 2 ڪيس ۽ عمران خان تي چونڊ خرچ جمع نه ڪرائڻ بابت ڪيس پڻ ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بينچ جي عدم موجودگي سبب ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا، 13 ڊسمبر جي ڊي لسٽ ڪيل ڪيس هاڻي 20 ڊسمبر تي ٻڌا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here