انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ ” آءِ ايم ايف“ ۽ پاڪستان وچ ۾قرض جي معاملن تي ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون

0
116

پاڪستان کي مرحليوار 8 ارب ڊالر جاري ٿيڻ جا امڪان آهن.وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ جون واشنگٽن ۾آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد پاڪستان کي جلد نئين رقم جاري ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف پاڪستان جي قرض پروگرام۾واڌ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، سبسڊيز بنا دير واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.حڪومت آءِ ايم ايف جو شرط مڃي ورتو، پيٽروليم شين جا اگهه وڌڻ اڻٽر ٿي ويا.پاڪستان جون آءِ ايم ايف سان ٽيڪنڪي سطح تي ڳالهيون ايندڙ هفتي شروع ٿينديون، ٽيڪنيڪي ڳالهين بعد آءِ ايم ايف جو مشن ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان فيول سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري ۽ معاشي سڌارن تي عملدرآمد تي اتفاق ڪيو ويو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جون ڳريون شرطون مڃڻ بعد پاڪستان کي هاڻ 8 ارب ڊالرز جي قسط ملي سگهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان کي قرض پروگرام ۾ ادائيگين لاءِ 9 کان 12 مهينن تائين ڇوٽ ملڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف مشن چيف نيٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان سبسڊي جي خاتمي لاءِ ايڪشن کڻڻ جو واعدو ڪيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here