ڪنهن کي به پاڪستاني ڪرنسي سان کيڏڻ نه ڏنو ويندو
، ڪنهن ڊيل تي يقين نه ٿو رکان، ڪنهن ڊيل تحت ملڪ واپس ناهيان آيو، ڊيل جون ڳالهيون ڪرڻ وارا ٻڌائن ته اُنهن مون کي پاسپورٽ جاري ڪيو،“ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عمران خان کي پيغام آهي ته ملڪ کي هلڻ ڏيو، مفتاح اسماعيل ڪوششون ڪيون ۽ سندس ڪوششن سبب ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ٽن ورهين جو گند چئن مهينن ۾ صاف ٿي نه پيو سگهي، عمران خان هن ملڪ جو اهو حال ڪيو آهي جيڪو ڪو دشمن به نه ٿو ڪري سگهي، گذريل چئن سالن ۾ معيشت جو جنازو ڪڍيو ويو، حڪومت سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي معاهدن تان ڦري وئي، اهو چيو ويو ته ايندڙ ماڻهن لاءِ بارودي سرنگهه وڇائي وئي آهي، روپئي جو قدر بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي