چين خبردار ڪيو آهي ته ايشيائي قومون، عالمي طاقتن جو مهرو بڻجڻ کان پاسو ڪن، انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارتا ۾ آسيان سيڪريٽريٽ ۾ هڪ خطاب دوران چيني پرڏيهي وزير وائينگ چيو آهي ته علائقي ۾ ڪيترن ئي ملڪن تي دٻاءُ آهي ته اُهي جانبداري جو مظاهرو ڪن يا ڪنهن هڪ طاقت جي حمايت ڪن، خطي جو مستقبل سندن پنهنجي هٿن ۾ هجڻ گهرجي