جبري گمشدگيون: سنڌ سرڪار پاران متاثرن جي وارثن کي 5-5 لک ڏيڻ جي دعويٰ

0
74

ڪراچي: سنڌ سرڪار جبري طور گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سنڌ سرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي،

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ جبري طور گم ڪيل 10 ماڻهن جي وارثن کي رقم ادا ڪئي وئي آهي، بينڪ اڪائونٽس جي تصديق کانپوءِ وڌيڪ ٻن ڪٽنبن کي به معاوضو ڏنو ويندو، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here