ميرپورماٿيلو ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

0
100

ڳوٺ صاحب لُنڊ ۾ پوليس چڙهائي ڪري قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار شمن لُنڊکي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب پنج ڏينهن اڳ جوابدر شمن لُنڊ سندس گهرواري شريفان لُنڊ کي گهٽا ڏيئي قتل ڪيو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شمن لُنڊ اعتراف ڪندي چيو آهي ته هن ڪارنهن الزام هيٺ گهرواري شريفان کي گهٽا ڏيئي قتل ڪرڻ بعد ڦاهي تي لٽڪايو ڇڏيو هو.ياد رهي ته پنج ڏينهن اڳ ڳوٺ صاحب لُنڊ مان گهر اندر مبينا ڦاهو کاڌل عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو هو.مقتولا عورت جي قتل جو ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ مڙس شمن لنڊ سميت چئن ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here