بي اعتمادي رٿ ڪامياب،پارليامينٽ عمران خان کي وزير اعظم جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

0
125

عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي، رٿ جي حق ۾ 174 ووٽ پيا، حڪومتي ميمبرن جو احتجاجن واڪ آئوٽ، رٿ تي ڪارروائي کان پهرين اسپيڪر اسد قيصر جو ووٽنگ ڪرائڻ کان انڪار، عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ايوان اياز صادق حوالي ڪري ويو، چيائين، رياست جو تحفظ ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي، ڌمڪين وارو خط سيڪريٽريٽ ۾ ڇڏيو ٿو وڃان، جنهن کي ڏسڻو آهي، اهو ڏسي سگهي ٿو، اسان لاءِ سڀ کان پهرين پاڪستان آهي، عمران خان ملڪي خودداري ۽ آزادي لاءِ هڪ موقف اختيار ڪيو آهي ۽ هُو ان تي ڄمي بيٺو آهي، اسد قيصر جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به عهدو ڇڏي ڏنو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here