سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ پيپلز بس سروس جي پهرئين روٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي
ٽرانسپورٽ بابت صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ پيپلز بس سروس بابت اهم اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس جي وڌيڪ بسن جي خريداري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
ان موقعي تي ڪراچي ۾ وڌيڪ روٽن تي بسون هلائڻ تي غور ۽ اليڪٽرڪ بس سروس جي روٽن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
شرجيل ميمڻ چيو ته بسن جي خريداري جو عمل تيز ڪيو و ڃي، شهري مختلف روٽن تي بس سروس هلائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن
اجلاس دوران اليڪٽرڪ پيپلز بس سروس جي پهرئين روٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي ۽ صوبائي وزير اليڪٽرڪ بس سروس فوري طور شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي