جعفرآباد ۾  ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي

0
151

ڊيرا الله يار ڀرسان بالان شاخ واري علائقي ۾ ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار نوجوان محمد بخش ٻٻر جمالي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ نوجوان عبدالغني جمالي زخمي ٿي پيو

اطلاع ملڻ تي حد جي ڪيٽل فارم ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي ڪري سول اسپتال ڊيرا الله يار منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس ڪارروائي ڪري ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here