مٺياڻي ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙي دوران نوجوان مارجي ويو

0
181

فريد ديرو ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي تڪرار تان ڪويجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي ھٿياربندن هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا

ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو رجب مشوري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هُو رستي ۾ فوت ٿي ويو

پوليس موجب، گوليون لڳڻ سبب گلاب، عبدالرشيد ۽ ٻيا پڻ زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي قتل کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته پوليس علائقي ۾ امن لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻو ناهي ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here