ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ حڪومت جو قابل اعتماد پارٽنر رهي آهي: مراد علي شاھه ڪيو

0
11

آغا خان يونيورسٽي جي 40هين يوم تاسيس ۽ 2022ع جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آغا خان يونيورسٽي سندس حڪومت جي قابل اعتماد ۽ اهم ڀائيوار رهي آهي، پاڪستان ۾ جڏهن ڪورونا وبا جو پهريون ڪيس سامهون آيو ته ان حوالي سان ڪيترائي سوال سامهون آيا، جن جا جواب ڳولڻ ۾ آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو

هن چيو ته آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن ان ڏکئي وقت ۾ هر وقت حڪومت سان سهڪار ڪيو، جيئن ئي ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌندو ويو ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته اسان کي پنهنجي ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي ڪورونا جي مريضن جي سار سنڀال لاءِ اضافي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي ته اسان آغا خان يونيورسٽي سان رابطو ڪيو

هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي وڏي جوش ۽ جذبي سان سرڪاري شعبي جي صحت جي ماهرن کي تربيت ڏني آهي ۽ هڪ هاٽ لائن قائم ڪئي آهي ته جيئن سرڪاري اسپتالن ۾ آءِ سي يو ڊاڪٽر 24 ڪلاڪ انهن کان ڪرونا جي مريضن جي سار سنڀال جي حوالي سان صلاح مشورا حاصل ڪري سگهن هن اهو به ٻڌايو ته وبا دوران سندس حڪومت وائرس جي پکيڙ ۽ ان جي مختلف قسمن جي حوالي سان آغا خان يونيورسٽي جي ڊيٽا تي انحصار ڪيو،آغا خان يونيورسٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومتي ۽ نجي شعبي جي مختلف ادارن جي سهڪار سان ان چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ متاثر ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here