خضدار جي آغا سلطام ابراهيم روڊ تي ڌماڪي سبب 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا
ڌماڪي بعد پوليس، ايف سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پهچي ويا، سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو
ڊي سي خضدار موجب ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ سينيئر صحافي عبدالواحد شاهنواڻي جو پٽ عبدالوحيد به شامل آهي هن ٻڌايو ته مارجي ويلن جا مڙهه زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي