عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي صبح 9 وڳي  تائين ملتوي

0
67

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين  عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي  ٻڌڻي ٿي

عدالت پاران رات 8 وڳي تائين مهلت ڏيڻ باوجود عمران خان بدران سندس وڪيل فواد چوڌري پيش ٿيو

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان کي ڊاڪٽر  گهمڻ کان منع ڪيو آهي

 جج  جسٽس طارق سليم  رتيمارڪس ۾ چيو ته عمران خان  کي گهمڻ جو ڪنهن چيو آهي، جڏهن ته عمران خان کي اسٽريچر يا ايمبولينس تي کڻي اچو

 جسٽس طارق سليم  وڌيڪ چيو ته عمران خان 8 وڳي 25 منٽن تي به پيش نه ٿيو، جڏهن ته عمران خان کي ٽي وي تي ڏسندا آهيون ته ٺيڪ ويٺو هوندو آهي

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا آهن، جڏهن ته  جسٽس چيو ته هو عمران خان کي  سيڪيورٽي ڏياريندو  لاهور هاءِ ڪورٽ  جي جج وڌيڪ چيو ته هي ٽاڪ شو ناهي ، هتي بهانا نه هلندا، جيستائين درخواستگذار پيش نه ٿيندو ضمانت نه ڏيندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here