اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪمند جي منصفاڻي قيمت سان ملڪ کنڊ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيندو
آصف علي زرداري چيو ته وقت اچي ويو آهي ته هارين سان ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ پورهيتن ۽ مزدورن جو اجورو 35 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب پورهيتن ۽ مزدورن جو اجورو گهٽ ۾ گهٽ 35 هزار ماهوار هئڻ گهرجي