تحريڪ انصاف جو 9 جنوري تي وزيراعليٰ پنجاب کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو

0
73

لاهور: تحريڪ انصاف 9 جنوري تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر 9 جنوري جي اجلاس ۾ اعتماد جي ووٽ بابت ميمبرن کي ڪابه هدايت جاري نه ڪئي.

ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته اعتماد جو ووٽ عدالتي فيصلي سان مشروط ٿيڻ گهرجي، اعتماد جي ووٽ لاءِ گورنر جي حڪم جي ڪا به آئيني حيثيت ناهي. ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته جيڪڏهن عدالتي فيصلي کان اڳ اعتماد جو ووٽ ورتو وڃي ته گورنر جو حڪم آئيني بڻجي ويندو. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر پنجاب اسيمبلي زينب عمر جو چوڻ آهي ته اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان سمورن رخن تي مشاورت جاري آهي.

ياد رهي ته عمران خان پارٽي جي سمورن ميمبرن کي 9 جنوري کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ ڪالهه پي ٽي آءِ چيئرمين چوڌري پرويز الاهي کي وارننگ ڏني هئي ته جيڪڏهن اعتماد جو ووٽ نه ورتو ويو ته پي ٽي آءِ پنجاب جا ميمبر اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي چونڊون ڪرائيندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here