مڪاني چونڊون: ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس ملتوي

0
117

ڪراچي: بلدياتي چونڊن جي معاملي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ سنڌ ڪابينا جي تڪ بندين بابت فيصلن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته گذريل رات سنڌ جي وڏي وزير سان ٿيل ملاقات تي به ڳالهه ڪئي ويندي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ مستقبل جي لائحه عمل ۽ تنظيمي معاملن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائم خاني به شرڪت ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here