پاڪستان پهرين ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

0
106

پاڪستان پهرين ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي

ڪراچي ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڪيويز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنسون ٺاهيون

نيوزيلينڊ طرفان مائيڪل بريس ويل 43، ٽام ليٿم 42، ڊيرل مچل 36، فن ايلن 29، ڪين وليمسن 26، مچل سينٽنر 21، ٽم سائوٿي 15 رنسون ٺاهيون

پاڪستان طرفان نسيم شاهه بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا، اساما مير 2، جڏهن ته محمد وسيم ۽ محمد نواز هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي

جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 48.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو

بابر اعظم 66، فخر زمان 56، حارث سهيل 32 ۽ امام الحق 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته محمد رضوان 77 ۽ آغا سلمان 13 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا,ميچ جو بهترين رانديگر نسيم شاهه کي قرار ڏنو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here