سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي ڪارروائي، هرکجي اغوا ٿيل 6 ڄڻا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
116

مريد شاخ: مريد شاخ ويجهو سنڌ- پنجاب دنگ تي پوليس جِي ڪارروائي، مبينا مقابلي دوران 6 مغوي بازياب ڪرائڻ جِي دعويٰ ڪئي وئي آهي،

ڪوٽ سبزل پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل مغوي پنجاب جَي مختلف شهرن مان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيا هئا، جن کي سنڌ ۽ پنجاب پوليس گڏيل ڪامياب ڪارروائي ڪري بازياب ڪرايو آهي، ڪارروائي دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 6 مغوين کي بازياب ڪرايو آهي، جڏهن ته ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here