اهڙو حشر ڪنداسين جو ياد رکندا: توانائي سينيٽ ڪاميٽي چيئرمين جي ڪي اليڪٽرڪ سربراهه کي ڌمڪي

0
96

اسلام آباد: سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او جو اهڙو حال ڪنداسين جو ياد رکندو،

سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڪاميٽي ميمبر سينيٽر فدا محمد سيڪريٽري پاور ڊويزن کان سوال ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو نيشنل گرڊ سان معاهدو ڪٿي پهتو؟ گذريل 8 سالن ۾ ان معاهدي کي حتمي شڪل ڇو نه ڏني وئي؟ هي ڪشمير مسئلو ته ناهي

سيڪريٽري پاور ڊويزن جواب ڏنو ته آئون ڪا تاريخ نه ٿو ڏئي سگهان، جنهن تي ڪاميٽي چيئرمين سيف الله ابڙو چيو ته توانائي وارو وزير ايترو نااهل آهي جو ڪنهن به ڪاميٽي ۾ پيش نٿو ٿئي.

سيف الله ابڙو چيو ته 475 ارب جي ڪي اليڪٽرڪ جي ترقياتي منصوبن جا تفصيل ڪٿي آهن؟ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري منصوبن جا تفصيل ڪاميٽي کي ڏنا وڃن، هڪ شيٽ تي ترقياتي منصوبن جا تفصيل ڏيو، ميمبر توهان جي بريفنگ وٺڻ لاءِ تيار ناهن، مون سان وڙهن ٿا.

توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته اسان ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي سمن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ اجلاس ۾ پوليس ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي گرفتار ڪري اجلاس ۾ آڻيندي، هي ڪاميٽي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ جو اهڙو حشر ڪندي جو ياد رکندو. توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ کي سمن جاري ڪرڻ لاءِ چيئرمين سينيٽ کي به خط لکي ڇڏيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here