موت جي خوف تي ڪنٽرول ڪري ورتو، لانگ مارچ ۾ ٻيهر شرڪت لاءِ بيتاب آهيان: عمران خان

0
77

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مرڻ جي خوف تي ڪنٽرول ڪري ورتو، لانگ مارچ ۾ ٻيهر شرڪت لاءِ بيتاب آهيان،

پرڏيهي خابرو ادري کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته خبر هئي ته سياست ۾ ايندس ته منهنجي زندگي کي خطرو ٿي ويندو، مون موت جي خوف تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، حملي کانپوءِ لانگ مارچ ۾ ٻيهر شرڪت لاءِ بيتاب آهيان.

عمران خان جو چوڻ آهي ته منهنجي گهرواري کي مون تي حملي بابت ٽي وي تي خبر پئي، گهرواري کي لڳو آئون ٺيڪ آهيان، ان کي اندازو نه هو ته مونکي 3 گوليون لڳيون آهن، واضح رهي ته 3 نومبر تي قاتلاڻي حملي ۾ عمران خان زخمي ٿيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here