اتحادي حڪومت پاران پنجاب جي وڏي وزير کي ڊينوٽيفاءِ ڪرڻ فيضلو  

0
117

اتحادي حڪومت پاران پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊينوٽيفاءِ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو  

ذريعن موجب مسلم ليگ ن ۽ اتحادين جي گورنر هائوس ۾ گڏيل اجلاس دوران  پرويز الاهي کي ڊينوٽيفاءِ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير کي ڊينوٽيفاءِ ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪڏهن به جاري ٿي سگهي ٿو

ن ليگ موجب 21 ڊسمبر تي اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ  ڪيو ويندو

وزيراعظم جي  صلاحڪار عطا تارڙ چيو آهي ته گورنر پنجاب آئيني اختيارين موجب وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو  هو ته  وڏي وزير  اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان لنوائي رهيو آهي، جڏهن ته اسپيڪر گورنر جي هدايت کي غير قانوني قرار ڏئي رولنگ جاري ڪندي اجلاس طلب ڪيو هو

سندس چوڻ هو ته آئين موجب وڏو وزير مقرر وقت تي اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويندو جڏهن ته گونرر، اسپيڪر جي رولنگ کي غير آئيني قرار ڏيئي ڇڏيو ، ۽ اهو گورنر جو صوابديده آهي ته نوٽيفڪيشن سڀاڻي ڪري يا ڪڏهن ڪري کيس ڪير به ڊڪٽيٽ يا مجبور نه ٿو ڪري سگهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here