رانديگرن پاران غيراسلامي ڊريس پائڻ سبب طالبان فٽبال ميچ روڪرائي ڇڏيو

0
115

افغانستان ۾ کلاڙين پاران غيراسلامي لباس پائڻ تي طالبان فٽبال ميچ بند ڪرائي ڇڏيو

پرڏيهي خابرو اداري موجب سومر واري ڏهاڙي افغانستان جي شهر باميا جي شاهد مزاري اسٽيڊيم ۾ ٻن ٽيمن جي وچ ۾ فٽبال ميچ جاري هو ته طالبان پاران اوچتو ميچ بند ڪرايو ويو

ذريعن موجب طالبان فورسز کلاڙين کي چيو ته هنن اسلامي لباس جي قائدن جي پابندي نه ڪئي جنهن سبب ميچ بند ڪيو وڃي

رپورٽس موجب ٻڌايو پيو وڃي ته رانديگرن کي اسپورٽس جرسي، شارٽس، جوراب ۽ جوتا پاتل هئا

رپورٽس موجب طالبان زور ڏنو آهي ته رانديگر هاڻي غير اسلامي لباس پائي فٽ بال ميچ نه کيڏندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here