بائيڪاٽ”پٺاڻ“مهم،اميتاب بچن کي ڳڻتي ورائي ڇڏيو

0
79

شاهه رخ خان جي ايندڙ فلم پٺاڻ تي ڀارتي انتهاپسندن جي تنقيد سبب پيدا ٿيندڙ تڪرار نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ ڪيئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هندو انتهاپسدن طرفان بايئڪاٽ بالي ووڊ ۽ پٺاڻ جي مهم هلائي پئي وڃي

پرڏيهي ميڊيا موجب بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن تازوڪولڪتا فلم فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ۽ ان تقريب ۾ شاهه رخ خان پڻ موجود هيو

تقريب کي خطاب ڪندي اميتاڀ بچن آزادي کان اڳ جي فلمن بابت ويچار ونڊيندي فرقيواراڻي تڪرار کان ويندي سماجي ڀائيچاري، برطانوي سينسرشپ، جبر سميت ٻين معاملن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو

ڀارتي اداڪار ڀارت ۾ اظهار جي آزادي ۽ شهري آزادي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ کي آزاد ٿئي ڪيئي سال گذري چڪا پر اڄ به اظهار جي آزادي ۽ شهري آزادي تي سوال اُٿاريا وڃن ٿا

سندس تقرير تي ڀارتي ميڊيا ردعمل ڏيندي چيو ته آهي ته ائين ڪرڻ سان اميتاڀ بچن شاهه رخ خان جي فلم پٺاڻ جي گيت بي شرم رنگ سبب پيدا ٿيندڙ تڪرار ڏانهن اشارو ڪيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here