ناڻي واري وفاقي وزير آرمي چيف جي مقرري واري سمري صدر پاران رد ٿيڻ بعد حڪومتي پلان اي ۽ بي ٻڌائي ڇڏيو
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته شهباز شريف آرمي چيف جو نالو ڏنو هو ان جي منظوري نواز شريف ڏني هئي
هن ٻڌايو ته سمري کي صدر عارف علوي روڪي ها ته اسان پلان بي تي ڪم ڪريون ها
هن چيو ته جن ماڻهن جا نالا ڏنا ويا هئا ان ڪوريٽين ڪرڻ پلان اي جو حصو هيو ۽ پلان بي اهو هو جو جن جو نالو آرمي چيف لاءِ ڏنو ويو هو ان کي پروموٽ ڪري وائيس چيف آف آرمي اسٽاف بڻايون ها