وزيراعظم جي سنڌ ياترا، سکر-حيدرآباد موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

0
78

سکر: وزيراعظم شهباز شريف سکر-حيدرآباد موٽر وي جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ايم 6 موٽر وي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهتو جتي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسد محمود، منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال، آءِ ٽي وارو وزير امين الحق، قمر زمان ڪائره ۽ سنڌ جو وڏو وزير پڻ ساڻس گڏ هئا.

وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان گڏجي منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکيو. اين ايڇ اي اختيارين موجب 306 ڪلوميٽر ايم 6 منصوبي لاءِ 3 کرب 7 ارب رپين جو تخمينو لڳايو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here