ملير:گهر مان هڪ ئي ڪٽنب جي هڪ عورت ۽ ٽن نارين جا لاش هٿ

0
79

 ملير جي شمسي سوسائٽي ۾ هڪ گهر مان هڪ ئي ڪٽنب جي هڪ عورت ۽ 3 نارين جا لاش هٿ آيا

ڪراچي جي الفلاح ٿاڻي جي حد ۾ شمسي سوسائٽي جي هڪ گهر ۾  3  ڇوڪرين۽ هڪ عورت کي ڪهي قتل ڪيو ويو

پوليس موجب ڪٽنب عمارت جي پهرئين ماڙ تي مسواڙ تي رهندو هو، ٻن عورتن ۽ ٻن ڇوڪرين جا رت ۾ رنڱيل لاش مليا

پوليس جو چوڻ آهي ته گهر مان زخمي حالت ۾ هٿ آيل هڪ ڄڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، علائقي واسين کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پاسي ۾ لڳل ڪيمرائن جا فوٽيج به حاصل ڪيا پيا وڃن

مارجي ويل نارين جي عمر 12 کان 16 سالن تائين آهي جڏهن ته هڪ عورت جي عمر اندازن 50 سالن جي ٿي سگهي ٿي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here