بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب نه ٿيندي،وزيراعظم عمران خان

0
147

وزيراعظم جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال، اتحادي جماعتن ۽ ميمبرن سان رابطن جو جائزو ورتو ويو.ذريعن موجب وزيراعظم سان قانوني ٽيم به ملاقات ڪئي، عمران خان کي سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي بابت بريفنگ ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت قومي اسيمبلي جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو آخري ساهه تائين مافيا جو مقابلو ڪندا، بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب نه ٿيندي.عمران خان چيو ته اپوزيشن جي غلط فهمي آهي ته دٻاءَ ۾ اچي ويندو، 27 مارچ تي عوام ٻڌائيندو ته ڪنهن سان گڏ آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here