ملڪي سياست لاءِ ايندڙ ٻه ٽي ڏينهن انتهائي اهم ۽ ڏکيا آهن
.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ منظور وساڻ جو چوڻ هو ته عمران خان جو دور ختم ٿي چُڪو، قومي اسيمبلي ۾ عمران خان جي اڪثريت ناهي رهي.هن چيو ته هاڻي هر جاءِ کان اپوزيشن جي حق ۾ فيصلا اچي رهيا آهن، عمران خان سان دوکو ٿي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته عمران جا پنهنجا ماڻهو ئي کيس دوکو ڏين پيا،، هي پهرين حڪومت هُئي جنهن کي اسٽيبلشمينٽ کُليل ڇـُوٽ ڏني هُئي