0
73

سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين بعد صوبائي حڪومتن امدادي سرگرمين لاءِ رٿابندي تيار ڪري ورتي آهي

سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر هارين کي ٻج ڏيڻ جي طريقي جواعلان ڪيو آهي، سبسڊي تي ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ 13 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ تپي جي سطح تي پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ڪاميٽي ۾ تپيدار، زراعت کاتي جي فيلڊ اسسٽنٽ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ميمبر ۽ ٻيا شامل ڪيا ويا آهن

زراعت کاتي سبسڊي تي ٻج جي فراهمي لاءِ فارم جاري ڪري ڇڏيو آهي، فارم تي زمين جي مالڪ جو نالو ۽ زمين جا ڪاغذن جي جاچ ڪئي ويندي. متاثر ٿيل هارين کان امدادي ٻج جي پئسن لاءِ بينڪ اڪائونٽ يا موبائيل اڪائونٽ جا آپشن ڏنا ويندا.

طئي ٿيل طريقي موجب ٻج لاءِ ڪيش رقم جو ميسيج بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي طريقي جيان ايندو، مجموعي طور تي 13 ارب رپين جي امدادي رقم في ايڪڙ پنج هزار رپين جي حساب سان ورڇ ٿيندا

واضح رهي ته تازو ٻوڏ سان 3.6 ملين ايڪڙ تي تيار فصلن کي نقصان پهچندو جڏهن هارين کي 421 ارب رپين جو نقصان رسيو آهي، جنهن کانوپءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت 8.39 ارب رپيا جڏهن ته وفاقي حڪومت 4.7 ارب رپيا مختص ڪندي جڏهن ته مجموعي رقم 13.5 ارب رپيا رکيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here