سنڌ ۾ شديد گرمي ۽ ھيٽ اسٽروڪ سبب سنڌ حڪومت ھارين ۽ آبادگارن کي احتياطي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ پاران زراعت کاتي جي سڀني ضلعي آفيسرن کي گرمي ۾ واڌ سبب ھارين لاءِ ڪيمپس قائم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي.منظور وساڻ آفيسرن کي هدايتو جاري ڪندي چيو آهي ته هيٽ ويو دوران ھارين ۽ آبادگارن ۾ آگاھي مھم ھلائي وڃي.هن هارين کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته منجھند جو 12 وڳي کان شام 4 وڳي تائين کليل سج واري حالت ۾ڪم ڪارڪرڻ کان پاسوڪيو وڃي، فصلن جي ڪم دوران ليمي، ڳڙ يا مٺائي جي شربت جو استعمال ڪيو وڃي.صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو آهي ته گرمي لڳڻ جي صورت ۾ متاثر هاري ويجهي واري اسپتال داخل ٿين.